سنڌو مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي،پوليس جاچ جاري

سنڌو مان لاش هٿ،سڃاڻپ نه ٿي،پوليس جاچ جاري

ٺٽو(ن س) ڳاڙهي ويجهو سنڌو درياء مان ھڪ شخص جو لاش پوليس کي مليو آھي، جنھن جي سڃاڻپ پير امير شآھ طور سڃآڻپ ٿي آھي، پوليس جاچ جاري ڪري ڇڏي، خبر موجب ڳاڙهو شهر ڀرسان ڳوٺ حاجي لاکو وٽان سنڌو دريا مان 55 ساله شخص جو لاش پوليس کي مليو آھي، ڳاڙهو پوليس لاش تحويل ۾ وٺي جاچ جاري ڪري ڇڏي اھي، جتي فوتي شخص جي وارثن فوتي جي سڃاڻپ اداسي ڳوٺ جي رهواسي پير امير شآھ طور ڪئي آھي، فتي شخص جي وارثن موجب فوتي شخص جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو جيڪو ٻن ڏينهن کان لاپتا هو، سندس ڳولا ڪئي پئي ويئي تہ سندس لاش سنڌو درياء مان مليو آھي، وڌيڪ پوليس جاچ جاري ڪري ڇڏي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو