ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بجلي بلن ۾ واڌو خلاف سموري سنڌ جيان سکر ۾ واپارين طرفان مڪمل شٽر بند ھڙتال ۽ بعد احتجاج ڪيو ويو سکر جي واپارين ۽ دوڪاندارن طرفان سکر جي مختلف بازارن غريب آباد۔ ڍڪ روڊ شاهي بازار۔ پان منڊي۔فريئرروڊ سميت ٻين بازارن ۾ بجلي مهانگي ۔پيٽرول مصنوعات جي قيمتن ۾ واڌ خلاف ڏنل سڏ تي هڙتال ڪئي سکر سماجي فورم جي ڪارڪنن ۽ قادري اسٽوڊينٽس پاران غازي غلام معاويه قادري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ڪارڪنن جي قيادت سينئير صحافي سماج سڌارڪ ۽ اديب مجيد نواز مغل ڪئي. ان موقعي تي دادو چوڪ تي ريلي کي خطاب ڪندي مجيد نواز مغل طارق مغل ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سيپڪو ۽ ٻيون بجليء جون ڪمپنيون عوام لاء آزار آھن. مختلف ٽيڪسز عوام جي کيسن مان ڪڍيو وڃي ٿو ۽ عياشيون آفيسرشاھي۔ ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻيا ڪن ٿا. جن کي مفت ۾ بجلي فراھم ڪئي وڃي ٿي. ھنن وڌيڪ چيو ته سيپڪو وارا بجلي کي چوريون پاڻ ڪرائي لوڊ شيڊنگ عام ماڻھن لاء ڪن ٿا. ھنن واپڊا خلاف زوردار نعريبازي پڻ ڪئي.










