سلطان راجا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي اليڪشن نه مذاق آهي

سلطان راجا کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي اليڪشن نه مذاق آهي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته هو چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته هي اليڪشن مذاق نه آهي.اهڙو اظهار عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد راولپنڊي مان جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو آهي.سندس چوڻ آهي ته اين اي 56 ۽ 57 جي آر او ڪالهه شام 4:30 وڳي تصديق ٿيل ڪاپيون ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته منهنجا وڪيل 11 وڳي تائين اتي ويٺا رهيا پر کين ڪاپي فراهم نه ڪئي وئي.عوامي مسلم ليگ سربراهه وڌيڪ چيو ته اسان تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳايا ويا، اسان کي ڪاپيون ڏنيون وڃن، اسان هاءِ ڪورٽ وڃڻ چاهيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو