اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سال 2025 ۾ موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سال 2025 ۾ عام موڪلون ۽ اختياري موڪلون 40 ٿينديون. ايندڙ سال 17 عام موڪلون ۽ 23 اختياري موڪلون ٿينديون.نوٽيفڪيشن موجب 5 فيبروري 2025 تي يوم ڪشمير جي عام موڪل هوندي. 23 مارچ 2025 تي يوم پاڪستان جي عام موڪل هوندي. پهرين مئي 2025 تي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موڪل هوندي. يوم تڪبير جي موقعي تي 28 مئي 2025 تي عام موڪل هوندي.انهي کان علاوه 30، 31 مارچ ۽ پهرين اپريل 2025 تي عيدالفطر جون 3 موڪلون هونديون. 7 کان 9 جون 2025 تي عيدالاضحيٰ جون 3 موڪلون هونديون. 5 ۽ 6 جولاءِ 2025 تي نائين ۽ ڏهين محرم جون موڪلون هونديون.14 آگسٽ 2025 تي آزادي جي ڏهاڙي جي عام موڪل هوندي. 5 يا 6 سيپٽمبر 2025 تي عيد ميلادالنبي صه جي عام موڪل هوندي. 9 نومبر 2025 تي يوم اقبال جي موڪل هوندي. 25 ڊسمبر 2025 تي يوم قائداعظم جي عام موڪل هوندي. 26 ڊسمبر 2025 تي مسيحي ملازمن جي لاءِ ڪرسمس کان پوءِ جي عام موڪل هوندي.نوٽيفڪيشن موجب سال 2025 جي لاءِ اسلامي موڪلون امڪاني تاريخ جي حساب سان طئي ڪيون ويون آهن. چنڊ جي رويت جي حساب سان موڪلن جو ڌار نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويندو.سال 2025 ۾ پهرين جنوري، پهرين مارچ، پهرين جولاءِ تي بينڪن جي موڪل هوندي. مسلمان حڪومتي ملازمن کي هڪ سال ۾ هڪ کان وڌيڪ آپشنل موڪلون نه ملنديون. غير مسلم حڪومتي ملازمن کي سال 3 کان وڌيڪ آپشنل موڪلون نه ملنديون.










