سال دوران صارفين کي بجلي جي بلن جون وڌيڪ قسطون ڏيڻ جو امڪان

سال دوران صارفين کي بجلي جي بلن جون وڌيڪ قسطون ڏيڻ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڄي ملڪ ۾ بجلي جي صارفين جون مشڪلاتون آسان ڪرڻ لاءِ تياريون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مالي سال ۾ بجلي جي بلن جون وڌيڪ قسطون ڏيڻ جو امڪان آهي.نيپرا تجويز ڏني آهي ته صارفين کي روينيو جي ضرورتن مطابق ڊيسڪوز کي قسطن جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.دستاويز موجب، نيپرا ڪنزيومر سروس مينوئل ۾ ترميمون تجويز ڪيون آهن. ڪنزيومر سروس مينوئل ۾ ترميمن لاءِ 7 ڏينهن اندر اسٽيڪ هولڊرز کان راءِ طلب ڪئي وئي آهي.دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته بجلي استعمال ڪندڙن لاءِ پهرين قسط جي بروقت ادائيگي لاءِ ڪو به مارڪ اپ نه هوندو، ڊسڪوز کي قسطن تي 14 سيڪڙو مارڪ اپ ڏيڻ جي اجازت هوندي.واضح رهي ته نيپرا جون 2024ع ۾ ڪنزيومر سروس مينوئل 2021 ۾ ترميم ڪئي هئي، ان وقت بجلي جي بلن جي قسط مالي سال ۾ صرف هڪ ڀيرو ڏيڻ جي اجازت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو