اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پاڪستان جي خلاف ڪنهن به قسم جي سازش نه اڳ برداشت ڪئي وئي، نه هاڻ برداشت ڪئي ويندي، ٻاهرين طاقتن جي هٿن ۾ کيڏندڙ ملڪ دشمن عناصرن جي خلاف جلڊ ڏنڊو هلندو ۽ گرفتاريون به ٿينديون.سينيٽر فيصل واوڊا طرفان اهو بيان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل هڪ پوسٽ ۾ ڪيو ويو، پنهنجي ٽوئٽ ۾ هن ٻڌايو ته مان ملڪ کان ٻاهر آهيان، مئي جي مهيني ۾ پاڪستان جي لاءِ مثبت خبرون سامهون اينديون هن چيو ته اهي مثبت خبرون هميشه جيان سياسي جمهوري لاشن طرفان نه پر ٻئي ڪنهن هنڌان اينديون.سينيٽر فيصل واوڊا چيو ته پاڪستان جي خلاف ڪنهن به قسم جي سازش نه اڳ برداشت ڪئي نه وري هاڻ برداشت ڪئي ويندي. هن خبردار ڪيو ته ٻاهرين طاقتن جي هٿن ۾ کيڏندڙ عناصر جيڪا ملڪ دشمني ڪري رهيا آهن انهن جي خلاف جلڊ ڏنڊو هلندو ۽ انهن جون گرفتاريون به ٿينديون.










