ڪراچي:(اسٽاف رپورٽر) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خيبرپختونخواه ۾ چونڊ مهم ڇڏي اوچتو نجي جهاز ۾ دبئي روانو ٿي ويو آهي. سندس اوچتي روانگي بابت ميڊيا ۾ پيءُ پٽ ۾ اختالفن جون خبرون هلن پيون. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جيو نيوز جي حامد مير کي ڏنل انٽرويو، جيڪو خميس تي نشر ٿيو، ان بعد فوري بلاول پرڏيهه هليو ويو. ان انٽرويو ۾ صدر زرداري ٿري پيز ۽ فور پيز پارٽين جو فرق واضح ڪندي چيو ته بلاول ٿري پي جو صدر آهي ۽ زرداري پاڻ فور پي پارٽي جو صدر آهي. هن چيو هو ته بلاول اڃا مڪمل ٽرينڊ ناهي ٿيو. آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته پ پ اليڪشن وڙهندي ان جي ٽڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار بلاول وٽ نه مون وٽ آهي، بلال کي جيڪا ٽڪيٽ جاري ٿيندي ان تي به صحيح هن جي هوندي. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته بلاول اڃا تربيت هيٺ آهي، نئي نسل جي سوچ اها آهي ته بابي کي ڪا خبر ناهي، پر حقيقت اها آهي ته تجربو وڏي ڳالهه آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري بلاول کي پرچائڻ لاءِ دبئي روانو ٿي رهيو آهي جيئن هو واپس اچي 30 نومبر تي ڪوئٽا ۾ پارٽي جي يوم تاسيس واري جلسي کي خطاب ڪري سگهي. آصف علي زرداري جي انٽرويو جي ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري ايڪس تي پنهنجي پروفائيل تبديل ڪري ڇڏي.
#NewProfilePic pic.twitter.com/lQr83F28kG
— BilawalBhuttoZardari (@BBhuttoZardari) November 24, 2023
نئين تصوير ۾ محترمه بينظير ڀٽو کي بلاول جي ڪلهن تي هٿ رکي مرڪندي ڏسي سگھجي ٿو ڄڻ بلاول چئي رهيو هجي ته مون وٽ ماءُ آهي. چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري دبئي روانو ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر نفيسه شاهه به پ پ چيئرمين جي بيان سان اختلاف ڪندي چيو ته سياست ۾ نوجوانن ۽ تجربيڪار سياستدانن جو فرق هجڻ گھرجي. پارٽي ترجمان فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اختلافن جون خبرون بي بنياد آهن، بلاول جو دبئي جو دورو شيڊول موجب طئي هو.
https://twitter.com/fkkundi/status/1728006330768609460
پي پي اڳوان شيري رحمان به ميڊيا ۾ هلندڙ اختلافن جي خبرن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٽوئيٽ ڪئي آهي.
Don’t know why the panicked reporting on some channels : Chairman @BBhuttoZardari left for Dubai yesterday late afternoon exactly as scheduled.
— SenatorSherryRehman (@sherryrehman) November 24, 2023










