ريونيو ايراضي جي ڊجيٽيلائيزيشن ۽ آن لائن فيسٽيليشن سينٽر جو افتتاح

ريونيو ايراضي جي ڊجيٽيلائيزيشن ۽ آن لائن فيسٽيليشن سينٽر جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي ريونيو، صنعت ۽ واپار وارو نگران وزير محمد يونس ڍاڳا ايسوسي ايشن آف بلڊرز اينڊ ڊيولپرز پاڪستان (آباد) جي آفيس ۾ ريونيو ايراضي جي ڊجيٽيلائيزيشن ۽ آن لائن فيسٽيليشن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ريونيو، صنعت ۽ واپار واري نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاڳا چيو ته نگران سنڌ حڪومت ریونیو ايراضی جي ڊجيٽيلائيزيشن ۽ آن لائن خدمتن جي فراهمي لاءِ آباد آفيس ۾ ئي فيسٽيليشن سينٽر ٺاهيو آهي، جنهن تحت آباد جي ميمبرن پنهنجي آفيس ۾ ويهي پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ پنهنجي درخواستن بابت آن لائن آگاهي به حاصل ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اي – سروس جون خدمتون سنڌ جي سمورن ريونيو آفيسن جن ۾ ڊپٽي ڪمشنرز، اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ مختيارڪارن جون آفيسون شامل ۾ مهيا ڪيون ويون آهن ۽ هاڻي صوبي جو عوام انهن آفيسن ۾ پنهنجون درخواستون آن لائن جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ پنهنجا گهربل ڪاغذ بذريعه ڪوريئر گهر ويٺي حاصل ڪري سگهن ٿا. محمد يونس ڍاڳا چيو ته ڊجيٽيلائيزيشن ذريعي شفافيت سان ڪم مڪمل ٿيندو ۽ صارفين جون مشڪلات گهٽبيون . هن چيو ته ايراضي جي ڊجيٽلائيزيشن ذريعي اسان پوري سنڌ جي ايراضي جي رڪارڊ کي به ڪمپيوٽرائيزڊ ڪري رهيا آهيون، ان عمل سان ڪنهن جي به ايراضي جي ملڪيت جو رڪارڊ کي هير ڦير ذريعي بدلائي نه ٿو سگهجي۽ هاڻي ڪنهن به هن جي حق کان محروم نه ٿو ڪري سگهجي. هن ٻڌايو ته هن ايپ جي ذريعي اسان 10 مختلف قسمن جون خدمتون مهيا ڪري رهيا آهيون جن ۾ هڪ ڊوميسائيل جي فراهمي پڻ آهي . هن چيو ته اي – سروس جي نالي سان جيڪو ڪم اسان صنعت ، واپار ۽ بورڊ آف ريونيو کاتي سنڌ ۾ ڪري رهيا آهيون، ان کي وڌيڪ صوبائي کاتن تائين به وسيع ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هن سهولت جي مختصر وقت ۾ مهيا ڪرڻ سان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته گهٽ وقت ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ جذبي جي ضرورت آهي. هن چيو ته هاڻي سنڌ بورڊ آف ريونيو جي زمينن کي آڪشن ذريعي وڪرو ڪيو ويندو ته جيئن سنڌ جي عوام جو پيسو سنڌ جي عوام وٽ رهي. محمد يونس ڍاڳا چيو ته نگران سنڌ حڪومت اينٽي انڪروچمينٽ جي ڪم ۾ پڻ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري آهي ۽ قيمتي قبضو ٿيل ايراضي آزاد ڪرائي آهي. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته نگران حڪومت پنهنجي مختصر مدت ۾ پنهنجن ڪمن کي مڪمل ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪم ته امر الاهي آهي اسان هن ڪم کي انجام ڏيڻ جو ذريعو آهيون. جڏهن اسان جو جذبو درست هوندو ته ڪم به بهتر ٿيندو. محمد يونس ڍاڳا چيو ته سنڌ بورڊ آف ريونيو الاٽمينٽ پاليسي بڻائي رهيو آهي ۽ تمام جلد هي پاليسي نگران ڪابينه جي سامهون پيش ڪئي ويندي.اي سروس جي ذريعي آفيسن جي غير ضروري ايندڙن کي گهٽايو ويو آهي، جنهن سان صارف جي پريشاني گهٽ ٿيندي ۽ آن لائن درخواستن کي آفيسر به مانيٽر ڪري رهيا هوندا ۽ دير ٿيڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسر کي جواب ڏيڻو پوندو. هن چيو ته اسان جيڪو نظام واضح ڪيو آهي، ان سان بدعنواني جو خاتمو ٿيندو. نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاڳا چيو ته تعميرات جو شعبو اسان جي جي ڊي پي کي تمام گهڻو مستحڪم ڪري سگهي ٿو پر ان طرف ڌيان ڏيڻ ضرورت آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٽيڪسيشن نگران حڪومت جو اختيار نه آهي. ان موقعي تي آباد جي پيٽرن ان چيف محسن شيخاڻي ۽ چيئرمين آصف سم سم پڻ خطاب ڪيو ۽ چيو ته سنڌ حڪومت تعميراتي شعبي جي نمائنده اداري آباد جي آفيس ۾ فيسيليٽيشن سينٽر ٺاهي هڪ تاريخي قدم کنيو آهي. مقررين چيو ته ڊيجيٽلائيزيشن ذريعي ايراضي جي ملڪيت ۾ هير ڦير جو خاتمو ممڪن ٿيندو ۽ هي منصوبو گيم چينجر آهي ۽ ان جو فائدو پوري شهر، صوبي ۽ ملڪ جي عوام کي ملندو، ان فيصلي سان ماڻهن جون تڪليفون گهٽ ٿينديون، انهن جي جائز حق جو تحفظ ٿيندو ۽ پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي سان همڪنار ٿيندو. تقريب ۾ آباد جي پيٽرن ان چيف محسن شيخاڻي ۽ چيئرمين آباد آصف سم سم، آباد جي ٻين عهديدارن ۽ سينيئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو سنڌ زاهد علي عباسي، ميمبر آر ايس اينڊ اي پي عباس بلوچ، ڪراچي جي مختلف ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا آفيسر پڻ موجود هئا. جڏهن ته حيدرآباد، سکر ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جا آفيسر آن لائين پڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي سنڌ بورڊ آف ريوينيو جي آفيسرن حاضرين جي سوالن جا جواب پڻ ڏنا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو