اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته هندستاني رياستي ادارن جي ملي ڀڳت سان مسلمانن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ميڊيا جي سوالن جا جواب ڏيندي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته هندستان ۾ اسلاموفوبيا جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي، هن چيو ته هندستان ۾ مسلمانن خلاف نفرت انگيز تقريرون ۽ امتياز ناقابل قبول آهن، ۽ عالمي برادري کي هندستاني مسلمانن جي حقن جي خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي،پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته مذهبي نفرت کي ڀڙڪائڻ علائقائي امن ۽ هم آهنگي لاءِ خطرو آهي.










