ڄامشورو(ن سنڌيار) سنڌ يونيورسٽي ايمپلائيز سوسائٽي ۾ گهر جي ٻاهران راند ڪندڙ ٻن سالن جي نينگري تي رولو ڪتن حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو. وارث نينگري کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتل کڻي آيا جتي نينگري فوت ٿي وئي. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ٻه ڏينهن اڳ حڪم ڏنو هو ته سنڌ جي جنهن به علائقي ۾ رولو ڪتن ڪنهن کي ڏاڙهيو ته ان تڪ جي ايم پي اي خلاف ڪيس داخل ٿيندو ۽ هو سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ به نه ڏئي سگهندو. پوليس جو چوڻ آهي ته هو جاچ ڪري ڪيس داخل ڪندا.










