راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا

راجگال ۾ فتنا خوارج جي دراندازي ناڪام، 4 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي علائقي راجگال ۾ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي فتنا خوارج جي دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 پرڏيهي مارجي ويا، فائرنگ جي تبادلي ۾ دھرتي جو بهادر پٽ به شهيد ٿي ويو. موجب پاڪ فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ (آءِ ايس پي آر) موجب سيڪيورٽي فورسز 19 ۽ 20 ڊسمبر جي وچ تي پاڪ افغان سرحد تي پرڏيهين جي هڪ گروپ جي حرڪت جو پتو لڳايو،ڪامياب ڪارروائي ڪندي 4 پرڏيهي مارجي ويا.فائرنگ جي تبادلي ۾ خيبرپختونخوا جو 22 ورهين جو سپاهي سهيل آفريدي شهيد ٿي ويو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان افغان عبوري حڪومت کان مسلسل بارڊر مئنيجمينٽ جو موثر مطالبو ڪري رهيو آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته اميد آهي ته عبوري افغان حڪومت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪندي ۽ خوارج کي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ نه ڏيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو