راجن پور (ويب ڊيسڪ)ڏکڻ پنجاب جي ضلعي راجن پور ۾ انڊس هاءِ وي تي کيتران پمپ ويجهو پوليس وين ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر ٿي پيو.ريسڪيو اختيارين موجب حادثي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪار فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب حادثو انڊس هاءِ وي تي پمپ ويجهو تيز رفتاري سبب پيش آيو.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽرڪ ڊرائيور گاڏي ڇڏي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.










