دراني جي جنازي نماز ادا، اباڻي قبرستان ۾ تدفين

دراني جي جنازي نماز ادا، اباڻي قبرستان ۾ تدفين

شڪارپور: (ن س) سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ آغا سراج خان دراني جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي، جنازي نماز سندس اباڻي علائقي ڳڙهي ياسين ۾ سندس رهائشگاهه دراني هائوس گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، صوبائي وزيرن کان علاوه اسيمبلي ميمبرن، پارٽي اڳواڻن، سرڪاري عملدارن، صحافين، عالمن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مرحوم جي مڙهه تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ سندس بلند درجات لاءِ دعا گهري، جنازي نماز کان پوءِ آغا سراج خان دراني کي سندس اباڻي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، جنازي نماز دوران دراني هائوس گرائونڊ ۽ ان جي آس پاس ۾ هزارين سوگوار موجود هئا. مرحوم جي خاندان، دوستن ۽ مائٽن، پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۽ علائقي جي ماڻهن گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو