خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ جو سوچڻ به نه گهرجي: فواد

خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ جو سوچڻ به نه گهرجي: فواد

لاهور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ گورنر راڄ جو سوچڻ به نه گهرجي.لاهور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته گورنر راڄ لاڳو ڪيو ته معاملو هٿ مان نڪري ويندو.هن چيو ته سڄي پارليامينٽ جعلي آهي، وزيراعظم 18 سيٽن سان ويٺو آهي، سڀني کي خبر آهي ته ڪير ڪيترو وقت اقتدار ۾ رهي ٿو.فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ هائوس مان ماڻهن کي ڪڍيو ويو، پاڪستان جو عوام عدليه سان گڏ بيٺو آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور جي سڄي تقرير ٻڌو ته هو چئي رهيو آهي حل ڏيو، رڳو هن مهيني ۾ 90 ماڻهو شهيد ٿيا آهن، حڪومت دهشتگردي جي مسئلي کي غير سنجيدگيءَ سان ورتو آهي.سندس اهو به چوڻ آهي ته سياسي گرمي پد کي گهٽائڻ سڀني جي ذميواري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو