خضدار (ويب ڊيسڪ)خضدار ۾ اسڪول بس تي دهشتگرد حملي ۾ زخمي ٿيل هڪ شاگردياڻي فوت ٿي وئي آهي.اسپتال انتظاميا موجب، زخمي ٿيل 12 سالن جي شاگردياڻي کي ڪالهه ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو. ڌماڪي ۾ 35 زخمين جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 5 جي حالت نازڪ آهي،اسپتال انتظاميا موجب، بس حملي ۾ زخمي ٿيل 36 ماڻهن کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو.










