خان چيو ته وڪيٽ جي ٻنهن پاسن وارن کي نه ڇڏيندس، جاويد

خان چيو ته وڪيٽ جي ٻنهن پاسن وارن کي نه ڇڏيندس، جاويد

تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فيصل جاويد چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جيڪي وڪيٽ جي ٻنهي پاسن تي کيڏندا آهن انهن کي نه ڇڏينس، پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فيصل جاويد چيو ته باني پي ٽي آءِ کي خبر آهي ته وڪيٽ جي ٻنهي پاسن تي ڪير کيڏي رهيو آهي، مان نالا نٿو ٻڌائي سگهان پر باني پي ٽي آءِ سڀني کي ڄاڻي ٿو. فيصل جاويد چيو ته اسان ڪڏهن به ڳالهين جا دروازا بند نه ڪيا آهن، ڳالهين لاءِ ڳالهيون ۽ احتجاج ٻئي گڏ هلن ٿا.هن چيو ته باني پي ٽي آءِ ملڪ گير احتجاج جو پيغام ڏنو، احتجاج جي تاريخ جو فيصلو سينئر قيادت ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو