اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن اڊيالا جيل ۾ باني سان ملاقات ڪئي. جيل ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي 5 رڪني وفد پي ٽي آءِ جي باني سان 45 منٽ ملاقات ڪئي. تحريڪ انصاف جي وفد ۾ بئريسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا، اسد قيصر، علي ظفر ۽ حامد رضا شامل هئا. ملاقات بعد پي ٽي آءِ چيئرمين گوهر خان پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته اسان ملاقات لاءِ ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات ڪرڻ ڏيو پر پوليس وارن اڳ م ئي وقت ختم ڪرن جو بهانو بنائي اسانجي ملاقات ختم ڪرائي جنهن سبب آئيني پيڪيج بابت مشاورت مڪمل نه ٿي سگهي. هن چيو ته عمران خان پهريون ڀيرو شڪايت ڪئي ته سندس سيل جي پنج ڏينهن بجلي بند هئي، هو مڪمل صحتمند ۽ هاءِ اسپرٽ ۾ آهي. گوهر خان چيو ته خان اسانکي چيو ته مولانا سان رابطي ۾ رهو هو بهترين ڪردار ادا پيو ڪري. خان چيو ته پرامن جدوجهد جاري رهندي، منهنجي ڀيڻن ۽ خاندان جي فردن تي مشڪل وقت آهي پر هو اسانکي هيسائي نٿا سگهن. اسين سومر تي ساڻس ٻيهر ملڻ جي ڪوشش ڪنداسين، خان چيو آهي ته علي امين، عمر ايوب، سبلي فراز ۽ احمد بڇر کي به وٺي اچجو. ملاقات کانپوءِ تحريڪ انصاف جو وفد اڊيالا جيل روانو ٿي ويو.بعد ۾ سينيٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ٿي آهي ۽ مشاورت به ڪئي وئي آهي.ان موقعي تي صحافي سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ جي باني ترميم جي منظوري ڏني ؟ جنهن تي بئريسٽر گوهر جواب ڏنو ته هو مولانا فضل الرحمان سان ملي ميڊيا کي آگاهه ڪندو.










