اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري خاص ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجو پيغام جاري ڪيو آهي.پنهنجي پيغام ۾ هن چيو آهي ته عالمي ڏينهن خاص ماڻهن جي حقن جي بهتري ۽ ڀلائي جي لاءِ ملهايو پيو وڃي، خاص ماڻهن جي ثابت قدمي، حوصلي ۽ قابل قدر ڪردار جو اعتراف ڪيو پيو وڃي.صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته مددگار ٽيڪنالاجي ۽ عوامي هنڌن تي خاص ماڻهن جي پهچ وڌائڻ جي ضرورت آهي.هن چيو ته خاص ماڻهن کي ميرٽ جي بنياد تي روزگار فراهم ڪيو وڃي، انهن ماڻهن جي ترقي لاءِ گهربل وسيلا به فراهم ڪيا وڃن.آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ خاص ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن.هن چيو ته ڪائونسل فار رائيٽس آف اسپيشل پرسنز جو قيام درپيش چيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي جڏهن ته ڪائونسل خاص ماڻهن جي حقن ۽ ڀلائي لاءِ پاليسين جي تشڪيل، ان تي عملدرآمد ۽ آگاهي ڏيڻ ۾ مرڪزي اداري طور ڪم ڪندي. .










