حڪومت ايس سي او اجلاس تي سياسي دڪان پئي چمڪائي: سيف

حڪومت ايس سي او اجلاس تي سياسي دڪان پئي چمڪائي: سيف

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف جو چوڻ آهي ته حڪومت شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس تي سياسي روشني وجهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي.بئريسٽر محمد علي سيف خواجا آصف ۽ احسن اقبال جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي احتجاجي سڏ تي ن ليگ وزيرن جا رونا ٻيهر شروع ٿي ويا، پرامن احتجاج اسان جو جمهوري ۽ آئيني حق آهي.خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار جو وڌيڪ چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي باني خلاف ڪيس ختم ٿيڻ ۽ سندن آزاد ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.هن اهو به چيو آهي ته خواجا آصف عورت کان هارائي وزير بڻجي ويو آهي، احسن اقبال سي پيڪ تي سياسي بيان بازي ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو