سنڌ جو پاڻي بند ڪري زراعت کي تباھ ڪيو آهي: ھاري تحريڪ

سنڌ جو پاڻي بند ڪري زراعت کي تباھ ڪيو آهي: ھاري تحريڪ

ڪوٽ غلام محمد (ن س ) سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين ملڪ رياض کي ڏيڻ کانپوءَ ھاڻي جديد زراعت جي نالي ۾ سنڌ جي تيرنھن لک ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪرڻ جا سانبھا ٿي رھيا آھن جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان جي وحدت تي وار برابر سمجھون ٿا اھڙو اظھار سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري سنڌي ھاري تحريڪ تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي ڪيو. ھن وڌيڪ چيو تہ ھڪ طرف حڪمرانن سنڌ جو پاڻي بند ڪري ھٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي ٻي پاسي سنڌ جي زرعي زمينن تي مسلسل قبضا ٿي رھيا آھن. سنڌ جو ھاري بيدخلي ۽ دربدري جي زندگي گھاري ٿو ۽ ان کي رياست ويھڻ لاء پلاٽ ب ڏيڻ لاء تيار ناھي جڏھن ت ڌارين جون لوڌون آڻي سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪرايا پيا وڃن. ٽئين پاسي ڪڻڪ، سارين سميت ٻيا کاڌ خوراڪ جا فصل پوکائي روڪرائي زرعي زمين تي عربن جي اٺن لاءَ گاھ پوکيو پيو وڃي جنھن سان ھڪ پاسي لکين ھاري بيروزگار پيا ٿين ۽ انھن کي زمين تان بيدخل ڪيو پيو وڃي تہ ٻي پاسي سنڌ ۾ اناج جي کوٽ جو بدترين انديشو ٿي ويو آھي. سنڌي ھاري تحريڪ مطالبو ٿي ڪري تہ سنڌ جون زمينون ڪنھن بہ نالي ۾ ڌارين کي ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. سنڌ جي وڏي آبادگار کي پابند ڪيو وڃي تہ ھو عربي گاھ پوکڻ بدران جديد طريقن سان اناج ڪپھ ڪمند ۽ ٻيا اھڙا فصل پوکي جيئن سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي عوام کي بک ۽ بدحالي کان بچائي سگھجي. گڏجاڻي کي ضلعي صدر نور محمد خاصخيلي، لکو مل، ڀڳوانداس، مولابخش ننداڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٻي پاسي سنڌي ھاري تحريڪ ميرپورخاص جي گڏجاڻي ڪامريڊ شگن جي صدارت ۾ ٿي گذري جنھن ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري خصوصي شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو