حيدرآباد: (ن س) بائي پاس تي ٻه ٽرالر ٽڪرائجي ويا، حادثي ۾ هڪ شخص فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو، حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو، اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. ريسڪيو ٽيمن فوري طور تي فوت ٿيلن جي لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، حادثي سبب حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ ٽريڪ تي ٽريفڪ جام ٿي وئي، پوليس حادثي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.










