لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ تحريڪ انصاف اڳواڻ حماد اظهر، شيخ امتياز ۽ عاليه حمزه خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس موجب تحريڪ انصاف جي لاهور جلسي ۾ شرڪت جي حوالي سان داخل ٿيل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 30 کان 40 نامعلوم ڪارڪنن کي نامزد ڪيو ويو آهي.ايف آءِ آر موجب پوليس حماد اظهر کي ريلي ۾ موجود هجڻ جي اطلاع تي گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتي ته شيخ امتياز ۽ عاليه حمزه مزاحمت ڪئي ۽ کيس اسٽيج تان هيٺ لاٿو.ايف آءِ آر ۾ لکيو ويو آهي ته ٻنهي اڳواڻن جي اشاري تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس يونيفارم ڦاڙيو. جوابدار مزاحمت ڪندي حماد اظهر کي بازياب ڪرايو.










