ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته حجاب عورت جي تحفظ ۽ عظمت ۾ واڌارو ڪري ٿو، حيا ۽ حجاب کي عام ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري به اهي ته پردو ۽ حجاب اسلامي اقدار، اسان جي تهذيب ۽ عورت جو وقار آهي. عالمي يومِ حجاب جي ڏينهن تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو ته قرآن پاڪ جي سوره نور ۽ سوره الحزاب ۾ الله رب العزت حجاب ۽ ستر جا حڪم واضح طور تي بيان ڪيا آهن جن تي عمل ڪرڻ سان دين ۽ دنيا ٻنهي جهانن جي ڪاميابي آهي، عورت لاءِ حيا ۽ حجاب جو خيال رکڻ تمام ضروري آهي بلڪه عورت ته آهي ئي حيا ۽ شرم جو مجسمو. صوبائي امير وڌيڪ چيو ته تهذيبن جي موجوده ڪشمڪش ۾ مغرب جو هدف خاص طور تي عورت ۽ نوجوان طبقو آهي، اسلام جي مضبوط ۽ مستحڪم خانداني نظام کي ٽوڙڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، عورت جو مختصر لباس، فيشن ۽ ميڪ اپ انڊسٽري، اسٽائل، فيشن، حسن ۽ جمال توڙي آرٽ جي نالي تي عورت کي اسلام مخالف تهذيبِ مغرب جو عادي بڻايو پيو وڃي، جيسيتائين معاشري کي اسلامي اقدار مطابق ترتيب نه ڏنو ويندو تيستائين ذهني راحت ۽ سڪون حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي، پردو نه فقط الله جو حڪم بلڪه پاڪيزه ۽ بهترين معاشري جو پڻ ضامن آهي، ملڪ ۾ اسلامي تهذيب کي هٿي ڏيڻ بدران مغربي ڪلچر کي مسلط ڪرڻ سان معاشرو بي راه روي ۽ بي حيائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي، حجاب عورت جو قميتي سرمايو آهي، اُگهاڙپ ۽ بي حيائي سان نه فقط الله ۽ سندس رسولﷺ جي حڪمن جي خلاف ورزي ٿئي ٿي بلڪه ان سان پورو سماج بي حيائي جي رستي تي هلي پوي ٿو جنهن جو انجام تباهي ۽ بربادي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه آهي، معصوم نياڻين کي حراسان ڪرڻ ۽ جنسي وحشت جو نشانو بڻائڻ ان جي هڪ کليل نشاني آهي، ان جي اُبتڙ جيڪڏهن معاشري ۾ شرم ۽ حيا جو ڪلچر عام ڪيو وڃي ته عورتون پاڻ کي محفوظ ۽ هڪ پاڪيزه سماج وجود ۾ اچي ٿو جتي عورتون ۽ ٻارڙا اطمينان ۽ سڪون سان زندگي گذاري سگهن ٿا.










