حيدرآباد: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اتحادي پارٽيون چونڊن کان ڀڄڻ چاهين ٿيون. اسان ڪلهن تي لاش کڻي به چونڊون وڙهڻ جا عادي آهيون.حيدرآباد جي حسين آباد واري علائقي ۾ فلٽر پلانٽ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام ڪڏهن به مون کي مايوس نه ڪيو آهي. نالائق کي ڪڍڻ ۾ اسان حيدرآباد جي عوام جي مدد سان ڪامياب ٿياسين. هو جيالن جي محنت سبب وزيراعظم نه رهيو. بلاول ڀٽو چيو ته ماڻهو پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن پر اسلام آباد جا حڪمران وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. سنڌو درياءُ هجڻ جي باوجود هتان جي عوام پاڻي جي ڦڙي لاءِ ترسي رهيو آهي جيڪي هن شهر کي لنڊن مان هلائيندا هئا انهن به هن شهر کي پاڻي نه ڏنو. بلاول ڀٽو چيو ته اسان ڪلهي تي لاش کڻي چونڊون وڙهڻ جا عادي آهيون اسان چونڊن کان نه ڀڄنداسين پر اسان جا ڪجهه اتحادي چونڊن کان ڀڄي رهيا آهن ته انهن کي ڀڄڻ ڏيو، ڇو ته جڏهن اوهان چونڊن ۾ حصو نه وٺندو ته اوهان جي سيٽ ڪو ٻيو کڻي ويندو آهي.هن چيو ته مان ايم ڪيو ايم کي مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو چيو پر انهن نه مڃيو. مان هنن کي منٿون ڪيون ته اوهان پنهنجي جڳهه پي ٽي آءِ کي نه ڏيو، پر هو ڊڄي پوئتي ٿي ويا. اڄ به 18 مهينن کان پنهنجن سمورن اتحادي ساٿين کي چئي رهيو آهيان ته ڊڄندو ته مرندو. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جا سياسي اتحادي ڊڄي چڪا آهن اهي خوف ۾ ورتل آهي. هو شايد هاڻ عام چونڊن کان به ڀڄڻ چاهين ٿا. پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته اسان جو پي ٽي آءِ کي پيغام آهي ته اسان اوهان کان نٿا ڊڄون. اسان مقابلو ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهيون. مان پي ٽي آءِ سان مقابلو نگران وزيراعظم جي طاقت سان نه پر عوام جي طاقت سان ڪندس. پيپلز پارٽي جي ڪردار ڪشي گذريل 3 نسلن کان ٿيندي رهي آهي. اڄ به ڪوڙي پروپيگنڊا پنجاب ۽ پشاور ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.










