جيڪو عمران خان چيو اهوئي پي ٽي آءِ جو فيصلو آهي

جيڪو عمران خان چيو اهوئي پي ٽي آءِ جو فيصلو آهي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته حڪومت سان ڳالهين جي حوالي سان جيڪو عمران خان چيو اهوئي پارٽي جو فيصلو آهي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته ڳالهين جي شروعات ۾ ئي دير ڪئي وئي. ڪميشن جي جوڙجڪ ۾ به دير ڪئي پئي وڃي، پي ٽي آءِ جو فيصلو ساڳيو ئي آهي جيڪو پي ٽي آءِ باني چيو آهي. حڪومت جيڪڏهن سنجيده آهي ته مثبت قدم کڻي پي ٽي آءِ باني سان ڳالهيون ڪري.هن چيو ته 7 ڏينهن ختم ٿيڻ کان پوءِ ڳالهين جو عمل باضابطه ختم ٿي چڪو آهي. حڪومت چاهي ته ڪميشن جو اعلان ڪري ڇڏي، انهي کان پوءِ اسان ڏسنداسين، حڪومت ڪميشن جي ٽي او آرز تي ويهڻ جو چوندي ته انهي تي پي ٽي آءِ باني سان ڳالهائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو