ڊيره غازي خان (ويب ڊيسڪ)ڊيره غازي خان ۾ وهوا جهنگي پوليس اسٽيشن جي چيڪ پوسٽ تي دهشتگرد حملي کي ناڪام بڻايو ويو.پنجاب پوليس جي ترجمان موجب، 15 کان 20 دهشتگردن رات جي اونداهي ۾ مختلف طرفن کان حملو ڪيو، جن ۾ راڪيٽ لانچر ۽ دستي بمن سميت جديد هٿيار استعمال ڪيا ويا.ترجمان موجب پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگرد فرار ٿي ويا، ۽ پوليس ٽيمون علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري رهيون آهن.جهنگي چيڪ پوسٽ پنجاب ۽ خيبر پختونخواه جي سرحد تي تونسہ ۾ واقع آهي.










