پيرجوڳوٺ(ن سنڌيار)جنسي زيادتي بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيل ميٽرڪ جي شاگرد صديق آريجو پٽ انعام آريجو جي ڪيس ۾ مک جوابدار مبين خاصخيلي کي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪچي مان گرفتار ڪري ورتو آهي. ياد رهي ته هڪ ڏينهن اڳ 9کيس اغوا ڪري ڪچي ۾ جنسي زيادتي بعد نينگر کي قتل ڪيو ويو هو. والد جي درخواست تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته جوابدارن عبدالرزاق ۽ مبين خاصخيلي ان ڪڌي حرڪت ۾ ملوث آهن.










