جمعيت علماءِ اسلام پاران سنڌ مان اميدوارن جي نالن جو اعلان

جمعيت علماءِ اسلام پاران سنڌ مان اميدوارن جي نالن جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)جمعيت علماءِ اسلام سنڌ مان اميدوارن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو، جمعيت علماءِ اسلام جو مرڪزي ميڊيا سيل موجب جمعيت علماءِ اسلام (ف) سنڌ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن تي اميدوار بيهاري ڇڏيا.علامه راشد محمود سومرو اين اي 194 لاڙڪاڻو پي ايس 5 ڪنڌڪوٽ تان جي يو آءِ اميدوار هوندو،اسلم غوري ڪراچي جي تڪ اين اي 235 ۽ پي ايس 97 تان جي يو آءِ اميدوار هوندو،سائين عبدالقيوم هاليجوي اين اي 201 سکر، اين اي 199 گهوٽڪي، پي ايس 6 ڪنڌڪوٽ تان جي يو آءِ اميدوار هوندو،ناصر محمود سومرو اين اي 196 قمبر شهدادڪوٽ، پي ايس 106 لياري، پي ايس 18 گهوٽڪي تان جي يو آءِ اميدوار هوندو،سائين عبدالله مهر اين اي 193 شڪارپور، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي اين اي 192 شڪارپور، مير عابد خان جتوئي پي ايس 08 شڪارپور تي جي يو آءِ اميدوار هوندا،آغا ايوب شاهه اين اي 200 سکر، مير شاهه زين بجاراڻي اين اي 191 ڪنڌڪوٽ تي جي يو آءِ اميدوار هوندا،امير بخش عرف مير مهر پي ايس 25 سکر ۽ پپو خان چاچڙ پي ايس 21 گهوٽڪي تان جي يو آءِ اميدوار هوندا،قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 197 قمبر شهداد ڪوٽ تان عبدالزاق عابد لاکڙو قومي اسيمبلي جو اميدوار هوندو،مولانا نورالحق اين اي 239 لياري، مولانا نصير الدين سواتي اين اي 244 ڪراچي اولهه، سميع سواتي پي ايس 116 ڪراچي تان جي يو آءِ اميدوار هوندا،قاري محمد عثمان اين اي 243 ڪيماري، پي ايس 114 شيرشاهه ڪراچي، پي ايس 111 ڪامري تان عمر صادق جي يو آءِ اميدوار هوندو،

پهنجو تبصرو موڪليو