جعلي ڊگري ۽ ڪرپشن، ڊريپ جو اڳوڻو سي اي او گرفتار

جعلي ڊگري ۽ ڪرپشن، ڊريپ جو اڳوڻو سي اي او گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڊريپ جي اڳوڻي سي اي او شيخ اختر کي جعلي ڊگري ۽ ڪرپشن جي الزام ۾ اسلام آباد مان گرفتار ڪري ورتو آهي.ايف آءِ اي ڊريپ جي اڳوڻي سي اي او شيخ اختر کي ضمانت رد ڪرڻ تي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ڪورٽ جي سينٽرل جج شاهه رخ ارجمند شيخ اختر جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت رد ڪري ڇڏي. ايف آءِ اي موجب ڊريپ جي اڳوڻي سي اي او شيخ اختر تي اڍائي ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. وفاقي جاچ اداري جي ترجمان موجب شيخ اختر حسين جعلي ڊگري تي ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي سي اي او جي مقرري حاصل ڪئي هئي. ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار پاران نوڪري لاءِ جمع ڪرايل پي ايڇ ڊي جي ڊگري جعلي نڪتي. ايف آءِ اي جي ترجمان چيو آهي ته جوابدار 2018 ۽ 2019 دوران سي اي او ڊريپ جي عهدي تي رهيو. ايف آءِ اي ترجمان جو اهو به چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو