جج جو نجي جيل تي ڇاپو،13 ڄڻا بازياب

جج جو نجي جيل تي ڇاپو،13 ڄڻا بازياب

بدين(ن س)ٽنڊوغلام علي ڀرسان ڳوٺ صابن دستي ۾ ايڊيشنل سيشن جج ماتلي جي حڪم تي ٽنڊوغلام علي پوليس مبينا نجي جيل تي ڇاپو ڪولھي برادري سان تعلق رکندڙ ھڻي شريمتي ريشم, شريمتي مالو, نارائڻ, نيلو, ڪرمشي ڪولهي ۽ معصوم ٻارن سميت 13 ڄڻن کي بازياب ڪرائي ٿاڻي تي آندو جتي درخواست گذار ڪرمشي ڪولهي صحافين کي ٻڌايو ته اسان 5 سالن کان بااثر بٺي مالڪ جنت گل پٺاڻ وٽ سرن جي بٺي تي ڪم ڪندا آھيون ۽ اسان پاران بٺي مالڪ کان حساب گهرڻ تي اسان تي مڇرجي اسان کي مارڪٽ ڪري خرچو ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اسان کان زبردستي پورهيو وٺي رات جو ھڪ جڳھ ۾ واڙي ڇڏيندو ھو جنهن کان پوء آئون ٻارن کي بيماري جو بهانو ڪري وجه وٺي جان ڇڏائي ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ جي ڀهاني ڪورٽ ۾ درخواست ڏني عدالتي حڪم تي پوليس اسان کي مبينا نجي جيل مان آزاد ڪرايو پوليس بازياب ڪرايل هارين کي لاڳاپيل ڪورٽ۾ پيش ڪيو جن کي بعد ۾ عدالت جي حڪم تي آزاد زندگي گذارڻ جي اجازت ڏني ويئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو