سکر (ن س )سينيئر صحافي جان محمد مهر جي شهادت جو ڪيس ۾ اڳڀرائي سکر پوليس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سينيئر صحافي جان محمد مهر جي شهادت ۾ ملوث هڪ ٻيو جوابدار گرفتار ڪيو ويو آهي،گذريل رات پوليس ڇاپو هڻي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو هو.گرفتار جوابدارن جا نالا هن ريت آهن.منور مهر ولد الله بخش، جوابدارن کي قانون موجب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي. سينيئر صحافي جان محمد مهر جي شهادت دل ڏاريندڙ سانحو آهي، ان ۾ ملوث سمورن جوابدارن ۽ سهولتڪارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، بعد ۾ معزز عدالت طرفان جوابدارن کي سزا ضرور ڏني ويندي










