جان محمدجي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

جان محمدجي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج، سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

سکر: (رپورٽر) سکر ۾ شھيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن، سهولتڪارن ۽ سرپرستن جي گرفتاري لاء صحافي برادري جي سڏ تي ڊي آئي جي آفيس ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي، مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن وڪيلن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ڌرڻي دوران ايس ايس پي سکر کي جي آئي ٽي جي سربراهي تان هٽائڻ جو مطالبو، قاتل جلد گرفتار نه ڪيا ويا ته 26 آگسٽ تي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان.رپورٽ موجب سينيئر صحافي, اينڪر پرسن ۽ تجزيه نگار شھيد جان محمد مهر جي قتل کي 9 ڏينهن گذرڻ باوجود سکر پوليس پاران اصل قاتل, سهولتڪارن ۽ سرپرستن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف صحافي برادري پاران ڊي آئي جي آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ڌرٿي ۾ صحافتي تنظيمن، سياسي، سماجي، مذهبي، شهري، وڪيل، تنظيمن جي اڳواڻن مردن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن پي ايف يو جي جي مرڪزي فنانس سيڪريٽري لالا اسد پٺاڻ، اسسٽنٽ سيڪريٽري جرنل خالد کوکر، اقبال ملاح، غازي جهنڊير، نعمت کهڙو، احسان لاشاري، وحيد راڄپر، شھيد جان محمد مهر جي ڀاء ڪرم الله مهر، جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، شائسته کوسو، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، قاضي ذوالفقار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ساجد مهيسر، ف ليگ اڳواڻ فقير عنايت ٻرڙو، پي ٽي آئي جي صفيه بلوچ سميت ٻين اڳواڻن چيو ته شهيد جان محمد مهر جو قتل سنڌ جي مظلوم ۽ پٺتي پيل طبقي جي آواز جو قتل آهن هنن چيو ته شھيد جان محمد هميشه پنهنجي قلم وسيلي مظلوم ماڻھن جو آواز بڻجي کين حق ڏياريا پر ايڏي وڏي شخصيت جو سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾ سرعام گوليون هڻي ان وقت قتل ڪيو ويو جڏھن پوري قوم ملڪ جي آزادي وارو ڏھاڙو ملهائي رهي هئي.هنن چيو ته 9 ڏينهن گذرڻ باوجود قاتل، سهولتڪار ۽ سرپرست سکر پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي سکر پوليس ڪيس ۾ نامزد فقط ٽن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري عام ڪيس جيان هينڊل ڪري رهي آهي. هنن چيو ته شھيد جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو جاچ آفيسر هڪ سب انسپيڪٽر حوالي ڪئي وئي آهي جيڪا جاڇ گهٽ ۾,گهٽ ڊي ايس پي سطح جي آفيسر کان ڪرائڻ گهرجي ها هنن چيو ته ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي جي آئي ٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو جنهن تي بي اعتمادي جو اظھار ڪندي کيس جي آئي ٽي جي سربراهي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. ڌرڻي ۾ شريڪ اڳواڻن شھيد جان محمد مهر جا قاتل فوري طورتي گرفتار نه ڪرڻ جي صورت ۾ 26 آگسٽ تي وزير اعليٰ هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻي جو اعلان پڻ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو