ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نگران حڪومت پاران تيل اسمن جي اگهن ۾ ظالماڻي واڌ جي خلاف امير جماعت اسلامي سراج الحق جي اپيل تي جمعي تي ملڪ گير احتجاج جي سلسلي ۾ اڄ جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچي کان ڪشمور سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جن کي جماعت اسلامي جي صوبائي ضلعي ۽ مقامي اڳواڻن خطاب ڪيو جڏهن ته ان موقعي تي پيٽرول انگهن سميت مهانگائي جي خلاف ۽ واڌ جي خلاف ٺهراءُ منظور ڪيا ويا. مقررن چيو ته غيرن جي غلام حڪمرانن آئي ايم ايف جي ڊڪٽيشن ۽ مفاد پرستاڻين پاليسين سان غريب عوام جو جيئڻ به جنجال بڻائي ڇڏيو آهي پيٽرول اگهن ۾ واڌ سان ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن سميت عام روزاني واهپي جي شين جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن جنهن سبب عام ماڻهو جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي وڃي ٿو امير جماعت اسلامي سنڌ محمد حسين محنتي ڪراچي ۾ ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته بجيٽ خسارو ۽ آئي ايم ايف جي فرمائش کي پورو ڪرڻ لاءِ سڄو ٻوجهه عوام تي وجهڻ سراسر ظلم آهي پهريان ئي بجلي ۽ گئس اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪ غربت ۽ بدحالي سبب عوام پريشان آهي هاڻوڪي واڌ انهن ڏکيائين ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو آڻيندي ان لاءِ عام مفاد لاءِ پيٽرول اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي خيرپور ۾ پنج گولا چوڪ کي مظاهري کي صوبائي نائب امير ممتاز حسين سهتو خطاب ڪندي چيو ته تيل اسمن جي اگهن ۾ هڪ مهيني اندر 40 رپين تائين واڌ ڪري مهانگائي جي ماريل عوام تي وڄ ڪيرائي وئي آهي نگران حڪومت پاران عوام کي رليف ڏيڻ ته پري ايترو به خيال نه آيو ته هن فيصلي سان غريب عوام مهانگائي جي سونامي ۾ ٻڏي ويندي ان موقعي تي ضلعي امير ثناءُالله جوڻيجو به خطاب ڪيو لاڙاڪاڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري کي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪندي چيو ته ٻاهرين مالياتي ادارن ۽ غيرن جي غلام حڪمرانن وياجي معاشي پاليسين سبب عوام کي بک بدحالي، غربت ۽ مهانگائي کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏنو آهي جڏهن ته پنهنجي عياشين ۽ ملڪي ادارن جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ بجلي گئس پيٽرول مهانگو ڪري عوام کي جيئري دفن ڪيو ويو آهي ان موقعي تي ضلعي امير قاري ابوزر جکرو، مقامي امير رميز راجا شيخ به خطاب ڪيو. ڪنڌڪوٽ ۾ صوبائي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالحفيظ شيخ ضلعي امير غلام مصطفيٰ ميراڻي، جيڪب آباد ۾ مقامي آفيس قائداعظم روڊ کان پريس ڪلب تائين ضلعي امير حاجي ديدار علي لاشاري عبدالصمد ڪٽپر شهدادڪوٽ مقام ارضي ڀٽو ۾ مقامي امير رياض احمد ڀٽو، ٺٽي ۾ عبدالله عالم گنڌرو، سمير ميمڻ، ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.










