ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شهلا رضا جو چوڻ آهي ته تبديلي جو نعرو هڻندڙن کي ئي چونڊيو ويو.ڪراچي ۾ بلدياتي چونڊن جي مهم جي سلسلي ۾ ريلي کي خطاب ڪندي شهلا رضا چيو ته تبديلي جو نعرو هڻندڙن کي چونڊيو ويو.هن چيو ته سڌارن کي ڪروڙين جا فنڊ ڏنا ويا پر انهن ترقياتي ڪم نه ڪرايا.ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر عاصم حسين چيو ته پيپلز پارٽي سينٽرل ضلعي ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن.هن چيو ته جيڪڏهن عوام کيس موقعو ڏنو ته هو شهر جي هر ممڪن خدمت ڪندو.










