بلڙي شاهه ڪريم: (ن س) بلڙي شاهه ڪريم ويجھو ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ھڪ ڄڻو فوت ٿي ويو ۽ 2 عورتون شديد زخمي ٿي پيو آهن.نڪرجي فارم وٽ ٽنڊو محمد خان سجاول قومي شاھراهه تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائڪل سوارن کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ جھرڪ شھر سان تعلق رکندڙ ڪولھي برادري جو ھڪ ڄڻو ڪيول ڪولھي فوت ٿي ويو، جڏھن ته 2 عورتون شديد زخمي ٿي پيون آهن، جن کي ٽنڊو محمد خان اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي.پوليس ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ڊرائيور کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ هو ته بلڙي شاهه ڪريم کان ٽنڊومحمد خان ويندڙ روڊ تي ڪمند جي سيزن اچڻ شرط حادثا معمول بڻجي ويا آهن، روڊ سنگل ۽ سوڙھو ھجڻ ڪري انساني جانين جو دشمن ٿي ويو آهي.










