بلوچ مظاهرين جي مذاڪراتي ٽيم سان اڳڀرائي، گرفتار مظاهرين آزاد

بلوچ مظاهرين جي مذاڪراتي ٽيم سان اڳڀرائي، گرفتار مظاهرين آزاد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب جي سامهون احتجاج ڪندڙ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مظاهرين سان حڪومتي ٽيم جي ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. گرفتار ٿيل مظاهرين کي آزاد ڪيو ويو آهي.اسلام آباد پوليس جي ترجمان موجب مظاهرين جون ضمانتون منظور ٿي ويون آهن جنهن کان پوءِ اسلام آباد ۾ گرفتار ڪيل مظاهرين کي آزاد ڪيو ويو آهي.ترجمان موجب گرفتار ماڻهن جا وارث معلومات ۽ مدد جي لاءِ رابطو ڪن ته جيئن قانوني مدد ڪري سگهجي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان ٻڌايو ته پوليس جي تحويل ۽ جيل مان آزاد ٿيندڙ ماڻهن جو انگ 290 آهي. مظاهرين حڪومت جي وزيرن واري ڪميٽي ۽ بلوچستان جي گورنر کان گرفتار ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو.ترجمان موجب حڪومتي ڪميٽِي ۽ بلوچستان جي گورنر به اهڙن ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو