ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان حڪومت سڄي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي.بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڄي بلوچستان ۾ آرٽيڪل 144 لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو.شاهد رند چيو ته گذريل ڏينهن کان بلوچستان جون مختلف قومي شاهراهون احتجاجن سبب بند آهن، بلوچستان حڪومت هميشه جائز احتجاج جي اجازت ڏني آهي، قومي شاهراهه کي ڪنهن جي به هٿان بلاڪ نه ڪيو ويندو.بلوچستان حڪومت جي ترجمان چيو ته گرينڊ هيلٿ الائنس جي احتجاج بابت عدالتي حڪم تي عمل ڪندا، ڪنهن به اسپتال جي نجڪاري نه ڪئي پئي وڃي.










