ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)ٽنڊومحمد خان بلدياتي چونڊن واري قانون تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو ڪنهن به سياسي جماعت يا اميدار پاران ظابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪندڙ خلاف سخت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي . پرامن صاف ۽ شفاف چونڊن ڪرائڻ قومي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو جنهن لاءُ مانيٽرنگ ٽيمن جي ڪم جي نگراني پڻ جاري آهي ، ڪنهن به سرڪاري کاتي جو ملازم ، ڪنهن به سياسي جماعت يا اليڪشن اميدوار جي حمايت ڪندي ڏٺو ويو ته ان خلاف فوري طور اليڪشن ايڪٽ تحت ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي .اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي پاران ڊي سي ڪامپليڪس جي ڪميٽي هال ۾ منعقد 15 جنوري 2023 تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊن واري مرحلي دوران اليڪشن ڪميشن پاران جاري ظابطه اخلاق تي عمل درآمد ڪرائڻ لاء اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو . هن وڌيڪ چيوته 15 جنوري 2023 تي ٿيندڙ صاف شفاف ۽ پرامن اليڪشن منعقد ڪرڻ کي يقيني بنايو ويندو هن چيو ته هونئن ته ٽنڊو محمد خان ضلعو پرامن ضلعو رهيو آهي پر امن امان کي برقرار رکڻ لاء پولنگ اسٽيشنز جي سيڪيورٽي لاء جٽادار پلان مرتب ڪيو ويو آهي ته جيئن ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش نه اچي سگھي . ان موقعي تي ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان غلام النبي ڪيريو چيو ته صاف شفاف اليڪشن ڪرائڻ قومي فريضو آهي جنهن لاء پوليس کاتي پاران ڀرپور مدد فراهم ڪئي ويندي ته جيئن ان عمل ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو رخنو پيدا نه ٿي سگھي. ان موقعي تي رينجرز جي ڊي ايس آر نثار احمد سولنگي چيو ته اسان جي ٽيم ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء هر وقت تيار رهندي . اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ اليڪشن ڪمشنر نديم احمد شيخ ، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو ذوالفقار علي نظاماڻي ، ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ آفيسر زاهد حسين ڀٽو ، رٽرننگ آفيسرز ، مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ اميدوارن ۽ ضلعي جي لاڳاپيل کاتي جي عملدارن شرڪت ڪئي.










