ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو دورو پاڪستانين لاءِ ترقي جا رستا کوليندو، جلد پاڪستان جي مردن ۽ عورتن کي فيس بڪ ۽ انسٽاگرام ذريعي نوڪريون ملنديون. فيس بڪ تي پنهنجون وڊيوز شيئر ڪري سرمايو ڪمائي سگهندا، شازيه مري چيو ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي محنت ۽ ڪارڪردگيءَ جو ثمر عوام کي ملڻ شروع ٿي ويندو، بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ڏاڏي شهيد جي فلسفي تي عمل ڪري رهيو آهي. ۽ ماءُ شهيد شازيه مري چيو ته پاڪستان جو عوام فيس بڪ تي محنت ڪندو، ملڪ کي ان جو ثمر به ملندو.










