بلاول جي قيادت ۾ مافيا جو مقابلو ڪنداسين: مرتضيٰ وهاب

بلاول جي قيادت ۾ مافيا جو مقابلو ڪنداسين: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب جو چوڻ آهي ته هاڻي بلاول ڀٽو مافيا جو مقابلو ڪندو.ڪراچي ۾ يوم دفاع جي موقعي تي ڪراچي ۾ عورتن جي سائيڪل پريڊ تقريب ۾ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب شرڪت ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته شهر ۾ هر ٽيلينٽ موجود آهي پر اسان ناڪاري سوچ رکندڙ مافيا آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا هئا.سندس وڌيڪ چوڻ آهي ته لياري کي بهترين فنڪار ۽ فٽبالر ڏنا آهن، بهتري جو سفر اهڙي طرح جاري رهندو.ميئر مرتضيٰ وهاب به چيو آهي ته احتجاج ڪرڻ يا بينر لڳائڻ سان مسئلو حل ناهي ٿيندو، لياري ۾ روڊن جي تعمير ۽ ٻيا ترقياتي ڪم جاري آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو