اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي سربراهه ميان محمد نواز شريف وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ڪيو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميان محمد نواز شريف وچ ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميان نواز شريف کي جميعت علماءِ اسلام طرفان آئيني ترميم تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو،چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ميان محمد نواز شريف وچ ۾ 26هين آئيني ترميم بابت سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.










