بحريه ڀڃ ڊاهه ۽ حملو زرداري ۽ ملڪ رياض ڪرايو، زين شاهه

بحريه ڀڃ ڊاهه ۽ حملو زرداري ۽ ملڪ رياض ڪرايو، زين شاهه

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنهوار) بحريه ٽائون ڀڃ ڊاهه ڪيس ۾ قيد ايس يو پي اڳواڻ زين شاھ چيوآهي ته وڳوڙڪرائڻ جو ذميوار آصف زرداري، ملڪ رياض ۽ سنڌ حڪومت آهن. پوليس کي لکت ۾ ڏنل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته بحريا انتظاميہ ۽ آصف زرداري جي ونگار وهندي سنڌ حڪومت پر امن ڌرڻي کي سبوتاز ڪيو، اسان پنھنجو آئيني حق استعمال ڪندي بحريا ٽائون جي ٿيندڙ زيادتين خلاف احتجاج ڪيو پر پ پ سياسي انتقام جو نشانو بڻائيندي دھشتگردي جا ڪيس داخل ڪرايا، سياسي ساک کي نقصان رسايو ويو، منھنجي مٿان داخل ٿيل ڪيس ڪوڙا آھن ، آئون قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيان ٿو. زين شاھ چيو ته 5 ايس ايس پيز جي اڳواڻي ۾ ھڪ ھزار کان وڌيڪ اھلڪار بحريا ٽائون آڏو موجود ھئا، اسان جو پرامن احتجاج ھلي ئي رھيو ھيو تہ اسان مٿان آنسو گيس جي شيلنگ ڪئي وئي، هن چيو ته پ پ سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمين ايم ڊي اي جي ذريعي غيرقانوني طور تي بحريا ٽائون ڪراچي حوالي ڪئي، بحريا ٽائون کي رعايتي اگهه تي زمين ڏني وئي پر اتي سوين سالن کان رھندڙ ڳوٺاڻا آھن انھن جون زمينون بہ ھٿيارن جي زور تي سنڌ سرڪار ملڪ رياض کي ڏياريون آھن، سنڌ سرڪار جي پٺڀرائي سبب بحريا ٽائون ڪراچي ملير ضلعي کان ٿيندو جامشوري جي حدن تائين پھچي ويو آھي. زين شاهه چيو ته اسان ملڪ رياض جي سنڌي ڳوٺن تي والار خلاف احتجاج ڪيو، پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ڌرتي ڌڻين سان گڏ بيھڻ بجاءِ ملڪ رياض جي ونگار وھي اسان خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي، اسين ڪيسن کان ڊڄون نٿا مقابلو ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو