بجيٽ گمراهه ڪندڙ ۽ فراڊ آهي: مخالف ڌر جو الزام

بجيٽ گمراهه ڪندڙ ۽ فراڊ آهي: مخالف ڌر جو الزام

اسلام آباد( م ڊ ) قومي اسيمبلي ۾ ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي بحث جي دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبرن وفاقي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو آهي ته وفاقي ترقياتي منصوبن ۾ سنڌ کي انهي جو جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي، جيڪو صوبي سان امتيازي سلوڪ جي برابر آهي.رپورٽ موجب پاڪستان پيپلز پارٽي سان تعلق رکندڙ اسيمبلي ميمبرن جيڪي حڪومتي اتحاد جا وڏا اتحادي آهن، هنن ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ تي پنهنجي تنقيد جاري رکي ۽ وفاقي حڪومت کي سنڌ صوبي سان مبينه امتيازي سلوڪ تي سخت تنقيد جو نشانو بنايو.قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي عام بحث جي دوران تقريبن سمورن پ پ پ ميمبرن هڪ جهڙيون تقريون ڪيون جنهن ۾ انهن وفاق طرفان سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين تي روشني وڌي. انهن موجب سنڌ کي ترقياتي منصوبن ۾ سندن جائز حصو نه پيو ڏنو وڃي.ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ميمبر جيڪي حڪومتي اتحاد جا اهم اتحادي آهن انهن به سنڌ جي مختلف منصوبن جي لاءِ رکيل بجيٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو. ان سان گڏ ئي انهن پ پ جي قيادت هيٺ سنڌ حڪومت کي به تنقيد جو نشانو بنائيندي ڪراچي کي نظر انداز ڪرڻ جو الزام لڳايو.پ پ پ جي ميمبرن بنيادي طور تي وفاقي حڪومت طرفان اهڙن منصوبن کي سنڌ حڪومت جي حوالي نه ڪرڻ تي احتجاج ڪيو جيڪو اڳوڻي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ(پي ڊبليو ڊي) جي ذريعي هلايون پيون وڃن.هن چيو ته اڳ ئي اهو فيصلو ٿي چڪو آهي ته پي ڊبليو ڊي جا سمورا منصوبا صوبن جي حوالي ڪيا وڃن، پر باقي ٽن صوبن جي ابتڙ اهو فيصلو سنڌ تي لاڳو نه پيو ڪيو وڃي.ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي ميمبرن اهڙن منصوبن کي سنڌ حڪومت جي حوالي نه ڪرڻ جي وفاقي قدم جي حمايت ڪئي. انهن جو موقف هو ته اسان کي امڪان آهي ته صوبائي حڪومت اهڙن منصوبن کي مڪمل نه ڪري سگهندي جڏھن تھ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب خان چيو آهي ته نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام کي گمراهه ڪيو ويو، بجيٽ 26-2025 ۾ عوام جي گلي تي ڇري ڦيري وئي آهي گذريل 3 سالن جي دوران عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آهي.اسلام آباد ۾ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ صحافين سان ڳالهيون ڪندي عمر ايوب وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته منهنجي بجيٽ تقرير دوران مڪمل بليڪ آئوٽ ڪيو ويو. قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تقرير جي دوران انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي، اسان جي پارٽي جي ايران جي حق ۽ اسرائيل جي مخالفت ۾ قرارداد کي به لائيو نشر نه ڪيو ويو.هن چيو ته پاڪستان ۾ ورچوئل مارشل لا لڳل آهي هتي نه اظهار جي آزادي جي اجازت آهي نه ئي جمهوريت، جهڙي طرح اسان جي حقن کي غضب ڪيو ويو اهي سڀني جي سامهون آهن. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت جو 6 هزار 500 ارب روپيه خساري سان گڏ نئين مالي سال جو بجيٽ لاڳو ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي موت پاڻ مري ويندو. ناڻي واري وزارت ۾ بجيٽ آڻڻ کان اڳ خساري جو سائز، آمدني، ايڪسچينج ريٽ ڪير هوندو انهي جو ادازو لڳايو ويندو آهي ڇو ته انهي ۾ قرضن جي وياج سان گڏ واپسي ۽ پنهنجي خرچن کي به آڏو رکندي ٽريڊ بيلنس جو به ڌيان رکڻو پوندو آهي پر هتي اهڙو ڪجهه به ناهي ٿيو.هن چيو ته ايران اسرائيل ڇڪتاڻ جي پهرين ڏينهن ئي تيل جي قيمت 64 ڊالر في بيرل کان وڌي 74 کان 75 ڊالر في بيرل تائين پهچي چڪي آهي. مستقبل ۾ تيل جي عالمي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته پاڪستان جي درآمدات جو 26 سيڪڙو خرچ پيٽروليم مصنوعات تي ٿيندو آهي ۽ اهو خرچ جيڪڏهن خطي جي موجوده صورتحال ۾ وڌندو ته پوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو به مٿي ويندو. جنهن سان روپئي تي وڌيڪ دٻاءُ اچڻ جو امڪان آهي. پاڪستان کي 7 هزار 500 ارب کان 8 هزار ارب روپين جو قرض وياج سميت واپس ڪرڻو آهي جنهن سان وفاق جو بجيٽ ختم ٿي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو