باني پاڪستان جو جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي،مزار تي حاضريون

باني پاڪستان جو جنم ڏينهن ملهايو پيو وڃي،مزار تي حاضريون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 147 هون جنم ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي.سڄي ملڪ ۾ اڄ عام موڪل آهي، مزار قائد تي اڄ صبح گارڊن جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿيندي.پاڪستان ملٽري اڪيڊمي (ڪيڪول) جي هٿياربند فوج گارڊز جا فرض سنڀاليندي.پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اڄ به اسان سڀني لاءِ مشعل راهه آهي.هن چيو ته قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو ان جي اصولن تي عمل ڪرڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو