پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته حڪومت جو پي ٽي آءِ باني جي فوجي ٽرائل جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو.هڪ بيان ۾ بئريسٽر سيف الله چيو ته حڪومت فوجي ٽرائل لاءِ سخت زور ڏئي رهي آهي.هن چيو ته حڪومت سياسي مفادن لاءِ تلخيون پيدا ڪرڻ جون ناڪام ڪوششون بند ڪري.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته سياسي مافيا پنهنجي بقا پي ٽي آءِ جي باني کي مائنس ڪرڻ ۾ ئي ڏسي ٿي.پي ٽي آءِ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته حڪومت پي ٽي آءِ جي باني خلاف ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته حڪومت سول نافرماني جي سڏ تي بار وڌو آهي.










