اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان جي بيان جي ترديد ڪري ڇڏي.بئريسٽر گوهر جيو نيوز سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي،ان موقعي تي کانئس پڇيو ته ڇا عليما خان حڪومت سان پنهنجي ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي؟ جنهن تي بئريسٽر گوهر چيو ته منهنجو 24 نومبر تي يا ان کان اڳ ڪو به رابطو ناهي ٿيو، پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات بابت حڪومت سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.بئريسٽر گوهر کان سوال ڪيو ويو ته عليما خان چيو ته هن پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي جو وقت به ٻڌايو آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مان نه ته آزاديءَ جو ذڪر ڪيو آهي، حڪومت ڪڏهن به واعدو ناهي ڪيو ته پي ٽي آءِ باني کي 20 ڏينهن ۾ آزاد ڪيو ويندو.بئريسٽر گوهر اهو به چيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ جي بدلي ۾ پي ٽي آءِ باني کي 20 ڏينهن اندر آزاد ڪرڻ جي ڳالهه غلط آهي.










