ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر ضلعي ڄامشورو جهانگير قاضي جي هدايت تي اسسٽنٽ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر ۽ انچارج ڪرائم برانچ سيد اعجاز علي شاهه پنهنجي ٽيم سان گڏ گشت جي دوران نوري آباد 03 نمبر اسٽاپ وٽ جوابدار الله جڙيو کان 1055 گرام چرس هٿ ڪري کين گرفتار ڪري ورتو آهي. جوابدار جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي بعد جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو بعد ۾ ان کي جيل منتقل ڪيو ويو آهي.










