ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي اسان جا حق کسي ورتا آهن: حافظ نعيم

ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي اسان جا حق کسي ورتا آهن: حافظ نعيم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته رات جي اونداهي ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ڪراچي ۽ حيدرآباد تي شب خون ماريو آهي، هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيپلزپارٽي جي ڪارڪن تيار رهن، صبح جو ايڪشن پلان جو اعلان ڪندا، احتجاج ڪندا، عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ به ويندا، امير جماعت اسلامي ڪراچي چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي اسان جا حق کسي ورتي آهي. ان کان علاوه پي ٽي آءِ ڪراچي جي صدر بلال غفار پڻ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اعلان تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت رات جي اونداهي ۾ اليڪشن کان ڀڄڻ جو رستو ڳولي ورتو آهي، عدالتي فيصلي جي توهين آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو