حيدرآباد(اسٽاف رپورٽر) ايم سڪس موٽر وي ميگا اسڪينڊل جي جاچ لاءِ گهربل جوابدار زوار شاهه گرفتار ٿي ويو،نيب سکر جي ٽيم فقير آباد ۾ ڪارروائي ڪري جوابدار زوار شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي،گرفتار ڪيل جوابدار زوار شاهه مٽياري ضلعي ۾ موٽر وي اسڪينڊل جي جاچ لاءِ گهربل هو،گرفتار ڪيل جوابدار مٽياري جي اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد جو ويجهو ساٿي ٻڌايو پيو وڃي،ٻئي پاسي گرفتار ڪيل ڊي سي عدنان رشيد کي حيدرآباد عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، 13 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪيوويو










