اسلام آباد (بيورو رپورٽ)موريتانيا ٻيڙي حادثي ۾ ملوث انساني اسمگلرن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي، ۽ اهم پيش رفت ٿي آهي. انٽرپول لبيا، يونان ۽ موريتانيا ۾ لڪيل 15 انساني اسمگلرن ۽ يونان، لبيا ۽ مراڪش ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ريڊ نوٽيس جاري ڪيا آهن.ايف آءِ اي اختيارين موجب، ٽيمون شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انهن ملڪن ۾ وينديون.ان دوران، ايف آءِ اي ٻيڙي واقعي جي جاچ دوران انساني اسمگلنگ ۾ ملوث هڪ شڪي انصار کي گوجرانوالا مان گرفتار ڪيو. جوابدار امير نالي هڪ شهري کي اسپين موڪلڻ لاءِ 5.4 ملين رپيا ورتا هئا، جڏهن ته متاثر نوجوان امير موريتانيا ٻيڙي حادثي ۾ بچي ويو.ان کان علاوه، ايف آءِ اي فيصل آباد ۽ ساهيوال مان ٽن انساني اسمگلرن کي گرفتار ڪيو.










